محمد رفيق بلوچ

محمد رفيق بلوچ: مشھور لکيڪ، سماج سُڌارڪ ۽ شاعر محمد رفيق بلوچ 21 جون 1958ع تي ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ پورهيت داد محمد بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. تعليم پرائڻ دؤران ننڍي عمر ۾ ’ٽيليفون ۽ ٽيليگراف‘ واري کاتي ۾ ملازم طور ڀرتي ٿيو. اَڳتي هلي 1983ع ۾ کيس هڪ بئنڪ ۾ ٽائپسٽ جي نوڪري مِلي، جتي مختلف عھدن تي رهندي، 2017ع ۾ ’مئنيجر آڊٽ‘ جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. سماج سُڌارڪ جي حيثيت سان پنھنجي علائقي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اِسڪولن جي اِنتظامي ڪميٽين جو چيئرمئن ۽ هڪ فلاحي تنظيم ’اَنجمنِ اِصلاحِ نوجوانان‘ لياريءَ جو صدر پڻ رهيو. هن رٽائرمينٽ کان پوءِ نثر ۽ نظم ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ٻه ڪتاب ’لِکنا منع هي‘ (2023ع) ۾ ۽ ’همارا اَپنا لياري‘ (2024ع) ۾ ڇپجي چُڪا آهن.


لفظ محمد رفيق بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.06.21  عيسوي

مشھور لکيڪ، سماج سُڌارڪ ۽ شاعر محمد رفيق بلوچ 21 جون 1958ع تي ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ پورهيت داد محمد بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد عبداللطيف بخاري
سوامي گوالانند مهراج
جميل الزمان جميل مخدوم
خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا
بوزدار رحيم بخش خان
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
ڄيٺملاڻي رام
ڄام فتح خان
شاهنواز خان
تراب لاڙڪاڻوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون